يونس خان کي ڪاوڙ سبب نقصان وڏو نقصان پئجي سگهي ٿو: رميز راجه

317 Views

ڪاوڙ ۽ موڊ سوئنگ کي يونس خان جي نئين ڪيريئر لاءِ خطرو قرار ڏنو پيو وڃي. 

رپورٽ موجب انگلينڊ جي دوري لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ يونس خان کي سينئر ٽيم جو بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪيو آهي. اڳوڻي اوپننگ بيٽسمين رميز راجه ان حوالي سان چيو آهي ته يونس خان ڇو ته سنجيده مزاج آهي. ان لاءِ ڪنهن به وقت ڪاوڙ ۾ اچي سگهي ٿو. ان جو موڊ هر وقت بلدجندو رهندو آهي. ان ڳالهه جو هميشه ئي خطرو موجود رهندو ته کيس ڪهڙي ڳالهه خراب لڳي ۽ هو ذميواري ڇڏي هليو ويو. ڪوچنگ مينجمينٽ جو نالو آهي ۽ اوهان کي تمام گهڻي صبر سان ڪم وٺڻ جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن اوهان ڪاوڙ کي ڪنٽرول نٿا ڪري سگهو ته پوءِ ڪامياب ڪوچ نٿا بڻجي سگهو.

نئين ذميوارين ۾ شيون هڪ حد تائين يونس جي ڪنٽرول ۾ هونديون جيڪڏهن هن کي سمورا اختيار نه به  ملن جيڪي هو چاهي ٿو تڏهن به هن کي پنهنجي نئين ڪردار سان نڀائڻو پوندو. رميز راجه وڌيڪ چيو ته ڪوچنگ سيٽ اپ ۾ يونس خان جي موجودگي نوجوان رانديگرن لاءِ تمام گهڻي فائديمند آهي هو ان انهن لاءِ بهترين ڪرڪيٽنگ ماحول بنائي سگهي ٿو.

بيٽسمين ان مان اسپن بالنگ کي کيڏڻ جو فن ۽ وڪيٽن جي وچ ۾ تيزي سان اننگ سکي سگهن ٿا هو فيلڊنگ ڊپارٽمينٽ ۾ به بهتر ڪردار ادا ڪندو. گڏيل طور تي رانديگرن وٽ  هن کان  گهڻو ڪجهه سکڻ جو سنهري موجود هوندو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.