گهوٽڪي ۾ نجي ٽي وي جي نيوز ڪاسٽر فرح اورنگ زيب تي قاتلاڻي حملي خلاف قلم ڌڻين جو احتجاج

302 Views

گهوٽڪي (رپورٽر امجدڪلوڙ ) گهوٽڪي ۾ ڌرتي ٽي وي جي نيوز ڪاسٽر فرح اورنگ زيب تي قاتلاڻو حملو ڪرڻ خلاف گهوٽڪي جي قلم ڌڻين جو جبار مهر .احسان ڪلوڙ. ماجد سنگھڙ. راڻا ڪاشف. جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ صحافي غير محفوظ آھن ڪيترائي ڀيرا صحافين مٿان حملا ڪيا ويا آھن پر انھن جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رھي آھي جيڪا پوليس جي نااھلي ظاھر ٿئي ٿي آهي ان موقعي تي گهوٽڪي جي صحافين سنڌ حڪومت کان گھر ڪئي ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين سخت کان سخت سزا ڏني وڃي نه ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.