وزيراعظم جا صلاحڪار ۽ وزير ٻٽي شهريت جا مالڪ، اثاثن جا وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا

197 Views

وزيراعظم عمران خان جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود ارب پتي ۽ ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ڪروڙ پتي نڪتو. 

رپورٽ موجب گذريل ڏينهن ڪابينه ڊويزن طرفان وزيراعظم  عمران خان جي خاص معاون ۽ صلاحڪارن جي شهريت ۽ اثاثن جا تفصيل جاري ڪيا ويا جنهن جا وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا آهن. ڪابينه ڊويزن پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب  وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود هڪ ارب 35 ڪروڙ کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي ۽ ان جي گهر واري 40 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ اثاثن جي مالڪياڻي آهي. عبدالرزاق دائود جي ساڍا 3 ڪروڙ جي زرعي زمين آهي ۽ هن 4 ڪروڙ 15 لک روپين جي پنهنجي گهر واري جي نالي سان ملڪيت ظاهر ڪئي آهي.

واپار بابت صلاحڪار شيئر جي مد ۾ 52 ڪروڙ روپين جي سرمائيڪاري ڪئي هئي ۽ ان جي گهر واري شيئرز جي مد ۾ 5 ڪروڙ جي  سرمائيڪاري به ظاهر ڪئي آهي. عبدالرزاق دائود 2 ڪروڙ 93 لک روپين جا سيونگ سرٽيفڪيٽ خريد ڪري رکيا آهن ان کان علاوه هن 27 ڪروڙ جڏهن ته ان جي گهر واري 13 ڪروڙ جي سرمائيڪاري به ڪئي آهي واپار واري صلاحڪار جي گهر واري وٽ 100 تولا سون به آهي. وزيراعظم جو صلاحڪار عشرت حسين به ارب پتي نڪتو. عشرت حسين آمريڪا ۾ 3 ملڪيتن جو مالڪ آهي

ڊاڪٽر عشرت حسين هڪ ارب 70 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي اثاثن جو مالڪ آهي. ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ به پنهنجا اثاثا ظاهر ڪيا آهن هو 30 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي اثاثن جو مالڪ آهي. ناڻي واري صلاحڪار وٽ 2 ڪروڙ جي زرعي زمين آهي دبئي ۾ ان جي گهر واري جي نالي تي 13 ڪروڙ جو گهر ظاهر ڪيو ويو آهي.

عبدالحفيظ شيخ 13 ڪروڙ  50 لک جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي ان وٽ 50 لک ملڪيت جي گاڏي ۽ 20 لک روپين جا زيور به آهن. ڪابينه ڊويزن جي خاص معاون شهزاد اڪبر، نديم افضل چن، علي نواز، شهزاد سيد قاسم ۽ شهزاد ارباب جا اثاثا به ظاهر ڪيا ويا آهن. احتساب بابت خاص معاون شهزاد اڪبر 10 ڪروڙ روپين کان  وڌيڪ جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن جڏهن ته خاص معاون نديم افضل چن هڪ ڪروڙ 21 لک روپين جو مالڪ آهي.

  پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ ورهاستي طور تي حاصل ڪيل ساڍا 16 ڪروڙ روپين جي ملڪيت جو مالڪ آهي. بابر اعواڻ جي اسپين ۾ هڪ ڪروڙ روپين جي ملڪيت آهي جڏهن ته هن ڪاروبار ۾ 47 لک روپين جي سرمائيڪاري ڪئي آهي. بابر اعواڻ هڪ ڪروڙ 68 لک روپين جي ماليت جون 6 گاڏيون، 20  لک روپين جا زيور به رکي ٿو ان وٽ 18 لک روپين  جو زرعي سامان، 3 لک روپين جي ڪلب ميمبر شپ ۽ 5 ڪروڙ کان وڌيڪ جي روڪ رقم آهي. علي نواز اعواڻ 4 ڪروڙ روپين جي اثاثن جو مالڪ آهي جڏهن ته خاص معاون شهزاد ارباب جي اثاثن جي ماليت 12 ڪروڙ 73 لک روپين کان وڌيڪ آهي.

شهزاد سيد قاسم جي دبئي ۾ 3 گهرن جي ماليت 2 ڪروڙ درهم کان وڌيڪ آهي. ڪابينه ڊويزن موجب شهزاد سيد قاسم جي آمريڪا ۾ پراپرٽي جي قيمت 8 لک 65 هزار ڊالر آهي. آمريڪا ۾ بينڪ اڪائونٽس ۾ 21 لک ڊالر ۽ دبئي جي بينڪ اڪائونٽس ۾ 18 لک درهم موجود آهن. ان کان علاوه ان وٽ پاڪستاني بينڪ اڪائونٽس ۾ 4 ڪروڙ 63 لک روپيه آهن.  معاون شهزاد سيد قاسم وٽ 97  لک روپين جي ماليت جا 4 پلاٽ آهن. هن پاڪستان ۾ 12 ڪروڙ روپين جي سرمائيڪاري به ڪئي آهي.

شهزاد سيد قاسم جي دبئي ۾ ٻن گاڏين جي ماليت 3 لک 65 هزار درهم آهي. موسمياتي تبديلي جي صلاحڪار امين اسلم به اثاثا ظاهر ڪيا آهن هن گهر واري جي نالي تي 50 لک روپين جي سرمائيڪاري شيئر جي مد ۾ ڪئي آهي. ملڪ امين اسلم جي گهر واري جي نالي تي 92 لک روپين  جون 3 گاڏيون آهن هو هڪ لک جي زرعي سامان، ڏيڍ لک روپين جي فرنيچر جو به مالڪ آهي.

هن هڪ ڪروڙ 47 لک روپين جو بينڪ بيلنس به اثاثن ۾ ظاهر ڪيو. جڏهن ته گهر واري جي نالي تي 10 لک 75 هزار روپين جي ملڪيت به ظاهر ڪئي.  صرف اهوئي نه پر هو ورهاستي طور تي حاصل ڪيل 15 ملڪيتن جو به مالڪ آهي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *