گلاب لغاري ۾ ڦليلي ڪيئنال جي مراد ڊسٽري شاخ جي پوڇڙ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

204 Views

گلاب لغاري: رپورٹر گلزار لغاری

گلاب لغاري ۾ ڦليلي ڪئنال جي مراد ڊسٽري شاخ جي پوڇڙ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڪرڻ ڪري آباد گارن جو ايڊو وڪيٽ محمد حسن سريوال حاجي محمد ايوب لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي گلاب لغاري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ آبپاشي ايس ڊي او فياض قمبراڻي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن الزام ھڻندي چيو ته مقرر ايس ڊي او آبپاشي اسان جي حصي جو پاڻي منڍ جي بااثر زميندارن کي وڪرو ڪري رھيو آهي ھنن جو چوڻ ھو ته پوڇڙ ۾ پاڻي نه پھچڻ ڪري اسان جا پوکيل سوين ايڪڙ ڪمند وونئڻ مرچ ساريون ٽماٽر ۽ بصر جي ٻيجارن سميت ٻيا زرعي فصل سڪي رھيا آھن ھنن چيف جسٽس پاڪستان چيف سيڪريٽري سنڌ وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو آهي ته مقرر راشي ايس ڊي او کي ھٽائي ڪو ايماندار آفيسر مقرر ڪري پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي ۽ اسان جا زرعي فصل سڪڻ کان بچايا وڃن ٻي صورت ۾ آباد گارن احتجاج جي دائري کي وڌائڻ ۽ عدالتن جو درکڙڪائڻ جو الٽيميٽم ڏيئي ڇڏيو آهي ـ

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *