اسلام ڪوٽ ۽ آس پاس چوپايو مال ۾ بيماري،مالوندن جا ڍور مرڻ لڳا،اسپتال کي تالا لڳل

330 Views

اسلام ڪوٽ ۽ آس پاس چوپايو مال ۾ بيماري،مالوندن جا ڍور مرڻ لڳا،اسپتال کي تالا لڳل،مارو ماڻهو ڍور ڪاهي دربدر،نوٽيس وٺڻ جو مطالبو،
تفصيل موجب:گرمي جي موسم شروع ٿيندي ئي چوپايو مال رڍ ۽ ٻڪري ۾ مختلف بيماريون ڦهلجي ويون آهن،انهي سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب تعلقي جي مختلف ڳوٺن ملهو ڀيل،ڍينڪاريو،ٻورلي،کاريو،آڏيجوتڙ،ميمڻ تڙ سميت ڪيٿرن ئي ڳوٺن ۾ چوپايو مال مختلف بيمارين وگهي مري رهيو آهي جنهن سبب مالوند مارو ماڻهن جا وٿاڻن جا وٿاڻ خالي ٿي رهيا آهن،پر لاڳاپيل اختيارين پاران ٽيمون موڪلي بيمار جانورن جو علاج نه پيو ڪيو وڃي،جڏهن ته هلندڙ اسپتالون به بند ڪيون ويون آهن،انهي سلسلي ۾ ڳوٺ ڍينڪاريو جي رهواسي مبين ۽ ٻين دانهيندي چيو ته هڪ ته لاڪ لائون سبب اسين بيروزگار ٿياسين ٻيو مٿان وري جيڪي گهر ۾ ٻڪريون ۽ رڍون آهن اهي بيماري ۾ مري رهيون آهن،هر روز چوپايو مال بيمار ٿيڻ تي اسلام ڪوٽ علاج لاء ڪاهي اچون ٿا پر اسپتال بند هجڻ ڪري علاج نه ٿيڻ سبب ٻڪريون حلال ڪرڻيون پئجي رهيون آهن هفتي ۾ منهنجي 8 ٻڪرين سميت سوين ٻڪريون مري چڪيون آهن،پر انتظاميه نوٽيس نٿي وٺي اسان جو واحد سهارو چوپايو مال هوندو آهي جنهن کي وڪڻي اسين ٻچن جو پيٽ پاليندا آهيون جيڪو به مري رهيو آهي،ڪورونا جي خوف سبب لاڪ ڊائون دوران وڌ ۾ وڌ غريب طبقو متاثر ٿيو آهي جنهن جو روزگار بند ٿي ويو آهي سرڪار ٽڪي جي به ساهتا نه ڪئي،ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن،رهيو چوپايو مال اهو به مري رهيو آهي،شهر ۾ هلندڙ جانورن جي اسپتال به ڪورونا جو بهانو بڻائي بند ڪئي ويئي آهي ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ ته هوئين به ڪا سهوليت نه آهي،هنن گهر ڪئي ته فوري نوٽيس وٺي ٽيمون موڪلڻ سميت اسپتالن کي کوليو وڃي جيئن چوپايو مال مرڻ کان بچي سگهي،هوڏانهن انهي سلسلي ۾ رابطي تي ڊاڪٽر راجڪمار ٻڌايو ته ڪورونا سبب سموري صوبي ۾ اسپتالون بند آهن باقي اسان کي ڪو مالوند بيماري بابت اطلاع ڪندو آهي يا چوپايو مال ڪاهي اچي فون ڪندو آهي ته علاج ڪندا آهيون.باقي اسپپتال بند هوندي آهي،
ا

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *