سنڌ حڪومت طرفان ٿر ۾ لڳايل آر او پلانٽس منصوبو ناڪاره بڻيل،عوام پاڻي ڦڙي لاءِ دربدر

317 Views

ٿر ۾ آر او پلانٽس منصوبو ناڪاره،اعلانيل 750 آر او پلانٽس مان صرف 633 لڳا،175 مڪمل طور بند ۽ 117 پلانٽس نه لڳڻ جو انڪشاف،عوام پاڻي ڦڙي لاءِ دربدر،
خبرموجب:سنڌ حڪومت پاران ٿرين لاءِ پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ بابت اربين روپين جي لاڳت سان کاري مان مٺو پاڻي ڪرڻ لاءِ 750 سئو آر او پلانٽس لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو،جنهن جو ٺيڪو پاڪ اوسيئس ڪمپني حوالي ڪيو ويو،انهي کي ٽي کان چار سال گذري وڃڻ باوجود مڪمل طور تي آر او پلانٽس لڳي ناهن سگهيا،انهي سلسلي ۾ هٿ ڪيل انگن اکرن موجب ته ٿر جي ستن ئي تعلقن ۾ اعلانيل 750 آر او پلانٽس مان صرف هن وقت تائين 633 پلانٽس لڳي چڪا آهن ۽ اُنهن مان هن وقت تائين 175 آر او پلانٽس وڏي عرصي کان بند هجڻ سميت خراب پيل آهن،جنهن جي مشينري به سڙي خراب ٿي رهي آهي،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته منظور ڪيل 750 آر او پلانٽس مان 117 پلانٽس اڃان تائين ناهن لڳي سگهيا،جيڪا غائب آهن انهي بابت حڪومت ڪوبه پڇاڻو ناهي ڪيو،جڏهن ته آر او پلانٽس جيڪو هن وقت به مشينري جي قبرستان ۾ تبديل ٿيل آهن،هلندڙ پلانٽس جي ميمبرنگ به وقت سر تبديل ناهي ڪئي ويندي،انهنڪري جيئن آر او پلانٽس لڳايا ويا آهن انهي بعد اُنهن جي ميمبرنگ جون پيلٽون تبديل ناهن ڪيون ويون،جنهن سبب پلانٽس ناڪاره بڻجي ويا آهن،مليل رپورٽن موجب ته آر او پلانٽس جي ميمبرنگ جيڪا مقرر مدي تائين تبديل ڪرڻ ضروري هوندي آهي جنهن جي تبديل نه ڪرڻ سبب پلانٽس خراب ٿي ويندا آهن،اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ٿر ۾ لڳل سمورن پلانٽس جون ميمبرنگ پيلٽون ٻيهر ناهن لڳايون ويون،جيڪي مهانگيون هجڻ ڪري انهن جا پئيسا هڙپ ڪيا پيا وڃن،آر او پلانٽس منصوبي تي سنڌ حڪومت طرفان ڪوبه ڌيان نه ڏيڻ ڪري اهو ناڪاره بڻجي ويو آهي ۽ لکن جي تعداد ۾ ٿري عوام پاڻي جي سهوليت کان محروم ٿي ويئي آهي،ٿر جي ستن ئي تعلقن مٺي،اسلام ڪوٽ،ڏيپلو،ڇاڇرو،ڏاهلي،ڪلوئي، ننگرپارڪر جي ڳوٺن ۾ پلانٽس ناڪاره بڻيل هجڻ ڪري رهواسي پيئڻ جي پاڻي ڦڙي لاءِ دربدر ٿي ويا آهن،ٿر واسين سنڌ حڪومت کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي،

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.