جاتي جي يونين ڪائونسل بيگناھ جي مختلف ڳوٺن جي پورھيتن جو راشن نه ملڻ خلاف احتجاج

353 Views

جاتي:جاتي جي يونين ڪائونسل بيگنا جي مختلف ڳوٺن جي پورھيتن کي ڪرونا رليف فند ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف رھواسين پاران معصوم ٻارن سان گڏ حنيف جت قاسم انڙ جي اڳواڻي ۾ روڊن تي نڪري آيا جاتي بٺورو مين روڊ تي احتجاجي مظاھري نٽڻ اُس ۾ ٻه ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي،
ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاء لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون کي 40 ڏينھن ٿيڻ باوجود جاتي جي يونين ڪائونسل بيگناھ جي مختلف ڳوٺن مامون انڙ،رمون ملاح،آچار آٿلو،سومارجت،انب ملاح،حمزو ملاح،اسماعيل عباسي،ناٿو ملاح،يعقوب ٽيمڙو ۽ ٻين ڳوٺن جي پورھيتن معصوم ٻارن سان گڏ احتجاجي مظاھرو جاتي بٺورو روڊ تي نٽڻ اُس ۾ ٻه ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي احتجاجي ڌرڻي ۾ پورھيتن حنيف جت،صديق ملاح،تاجل شاھ،شريف آٿلو،عبدالله اُنڙ،فتح علي عباسي،سڪندر ملاح،بلاول آٿلو ۽ ٻين چيو ته حڪومت پاران کنيل قدم جي ساراھ ڪيون ٿا پر لاڪ ڊائون سبب روزگار جا وسيلا بند ٿيڻ ڪري بيحال آھيون معصوم ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھين سنڌ حڪومت پاران ڪرونا متاثرن لاء آيل راشن من پسندن ماڻھن ۾ تقسيم ٿيڻ ڪري حقيقي پورھيت راشن کان محروم بڻيل آھن ھنن چيو ته ھن ڏکيء ويل ۾ ڪير به سار لھڻ وارو ناھي جنھن ڪري ھاڻي صبر جا دامن ڇڏي بکي پيٽ جي بک اجھائڻ لاء مجبور ٿي روڊ تي نڪتا آھيون ھنن سنڌ سرڪار ڊي سي سجاول کان مطالبو ڪيو ته سندن واھر ڪري ويلا ڪاٽڻ کان بچايو وڃي….

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.