جوهي تعلقي اندر زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

265 Views

جوهي : جوهي تعلقي اندر زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن اجلاس بعد احتجاجي مظاهرو ڪيو, شينهن رند, جهنڊو لغاري, امام علي روستماڻي, ڪريم رودناڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي آبادگارن دانهيو ته جوهي برانچ جي منڍ جا بااثر کاتيدار زرعي پاڻي تي زبردستي ڌاڙا هڻي رهيا آهن نتيجي ۾ چينجاڻي مائينر, پٽوڙو, پهوڙ,دڙا, لاکا,ڇني ۽ نوناري شاخن جي پوڇڙي ۾ پاڻي اڻلڀ آهي, هنن چيو ته بااثر گذريل ڪيترن سالن کان پاڻي تي قابض آهن آبپاشي کاتي جا ڪامورا پيسا وٺي پاڻي چوري ڪرائن ٿا, ان موقعي تي سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي اڳواڻ خادم چانڊيو, ضلع آرگنائيزر وريام پنهور احتجاج ۾ شريڪ ٿي آبادگارن کي 19 جولاء تي رٿيل شاعر مهر ڊٻائي جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ احتجاج جي دعوت ڏني.
رفيق احمد
10 نيوز جوهي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.