جوهي ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن ۽ اين پي سي پاران ڪشميرين سان يڪجھتي طور ريلي ڪڍي وئي

318 Views

جوهي: جوهي ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن ۽ اين پي سي پاران ڪشميرين سان استحصال جو ڏھاڙو،  قومي يڪجھتي جي حوالي سان الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون ۽  ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ريليءَ کي خطاب ڪندي شاعر خليل عارف سومرو, شاه محمد گاڏهي ۽ ٻين چيو تہ ڪشمير پاڪستان جو اٽوٽ انگ آھي، ڀارت ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي .اسين ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکنداسين، ھنن وڌيڪ چيو تہ ڀارتي فوج جي هٿان ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومون ڪردار ادا ڪن ۽ حڪومت پاڪستان ۽ پاڪ آرمي کي اپيل ٿا ڪيون تہ ڀارت جي ايل او سي خلاف ڀڃڪڙين ۽ سازشن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو وڃي،هنن چيو تہ پوري دنيا ۾ مسلمانن خلاف محاذ کليل آھن اقوام متحده خاموش ڇو آھي ، ان جو بنيادي سبب اھو آھي تہ مسلمانن ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ناھن جيستائين اسين متحدہ نہ ٿينداسين تيستائين ڪشمير جي آزادي، فلسطين جي آزادي، بوسينا جي مسلمانن جا مسئلا حل نہ ٿيندا، ڪشمير  زمين تي جنت مثل آھي، معاشي طور جيڪا ورھاست ڪئي وئي ان ۾ منافقت ڪئي وئي ڪشمير ۾ اڪثريت مسلمانن جي آھي جيڪي پاڪستان سان گڏ رھڻ چاھن ٿا اقوم متحده جي منظور ڪيل چارٽر تي عمل ڪيو وڃي ۽ ڪشمير کي حق خود اراديت جو موقعو ڏنو وڃي، آخر ۾ گڏيل طور اقوام متحده کان مطالبو ڪيو ويو تہ ڪشميرين مٿان تشدد ظلم ۽ جبر بند ڪيو وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.