لعلورائنڪ ڀرسان ڳوٺ ميان رتو سولنگي ۾ استادن پاران اسڪول انتظاميه خلاف نٽھڻ اس ۾ احتجاج

284 Views

لعلورائنڪ(علي عباس جمالي) لعلورائنڪ ڀرسان ڳوٺ ميان رتو سولنگي ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان هلندڙ علامه تارڪ ايليمينٽري اسڪول جي استادن پاران اسڪول انتظاميه خلاف نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ استادن عبدالحميد خاصخيلي، سيد فياض شاھ گلشير پتوجو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسين گذريل ڪافي عرصي کان مٿي ذڪر ڪيل اسڪول ۾ بطور استاد ڪم ڪندا پيا اچون ، پر هن وبائي صورتحال دوران اسڪول آپريٽر سجاد مغيري پاران بغير ڪنهن نوٽيس ڏيڻ جي اسڪول مان فارغ ڪري ڇڏيو آھي ۽ سبسڊي ملڻ باوجود گذريل ٽن مهينن جون رهيل پگهارون پڻ روڪي ڇڏيون آھن. هنن سنڌ حڪومت ۽ سنڌايجوڪيشن فائونڊيشن جي بالا اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺندي انصاف ڪيو وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *