سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گرمي وڌڻ سبب بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جاري

287 Views

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گرمي وڌڻ سبب بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهنڪري شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب جتي عام عوام پريشان آهي، اتي گهرن ۾ آئسوليٽ ڪورونا وائرس جي مريضن جا اهنج به ٻيڻا ٿي ويا آهن.
ملير، ايزي سٽي، عيدو گارڊن، گلشن حديد، گلستان جوهر، ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو آزار گهٽجي نه سگهيو.
ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ٿيڻ سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.
شهرين مطالبو ڪيو ته گرمي ۽ وبا جي صورتحال ۾ بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.