اسان پبلڪ فگر آهيون ”پبلڪ پراپرٽي ناهيون: مايا علي

230 Views

اداڪاره مايا علي انڊسٽري ۾ هڪ وراسٽائل اداڪاره طور سڃاتي وڃي ٿي، اداڪاره انسٽاگرام تي ڪافي سرگرم آهي، جنهن ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ مداحن جي تنقيد تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته مداح بغير سوچڻ سمجهڻ جي ڪمينٽس ڪرڻ شروع ڪندا آهن، اسان اسٽارز آهيون توهان اسان جي ڪم تي تنقيد يا تعريف ڪيو اسان انکي ڌيان سان ڏسنداسين پر ڪو به مداح اسان سان پرسنل نه ٿئي ڇو ته اوهين اسان کي سڃاڻو نٿا.

مايا علي وڌيڪ چيو ته آئون هميشه ماڻهن کي اهوئي چوندي آهيان ته ”اسان پبلڪ فگر“ آهيون، ”پبلڪ پراپرٽي ناهيون، توهان اسان جي خاندان يا ذاتي معاملن تي نظر رکڻ بجاءِ اسان جي ڪم تي نظر رکو. 

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.