ميرپورماٿيلو ويجهو يارو لنڊ ۾ ڊاڪٽر غلام علي لنڊ پاران غريبن ۾ عيد جا ڪپڙا ۽ راشن تقسيم ڪيو ويو

255 Views

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ قاضي شفقت ) ميرپورماٿيلو ويجهو يارو لنڊ ۾ ڊاڪٽر مسحيا نڪتو، ڪيترائي ماڻهن ۾ عيد جا ڪپڙا ۽ راشن تقسيم ڪيو ويو، لاڪ ڊائون جي پهرين ڏينهن کان راشن تقسيم ڪرڻ وارو عمل جاري رکيو آهي ڊاڪٽر غلام علي لنڊ

خبر موجب ميرپور ماٿيلو ويجهو يارولنڊ واسي ڊاڪٽر غلام علي لنڊ غريبن جي مدد ڪرڻ لاء اڳڀرو لاڪ ڊائون جي پهرين ڏينهن کان راشن تقسيم ڪرڻ معمول بڻيل آهي گورنمينٽ سنڌ جي لاڪ ڊائون برقرار هجڻ سبب غريب طبقي جي ماڻهن  جي گهرن ۾ وڃي کاڌ خوراڪ واريون شيون بنا فرق جي پهچايون آهن هوڏانهن عيد ايندي ئي ڊاڪٽر غريب مستحق ماڻهن کي ڪلينڪ تي گهرائي  ننڍن وڏن ۽ عورتن ۾  عيد جا نوان ڪپڙا پڻ وراهيا آهن ان سان گڏوگڏ ان لاچار ماڻهن کي راشن جا  بيگ به پڻ تقسیم ڪيا آهن ٻئي طرف ڊاڪٽر غلام علي لنڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته لاڪ ڊائون مٿان ڪاروبار بند ۽ مزدورن کي ڪم ڏهياري نه ملڻ غريب فاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن انهن جي مجبوري برداشت نٿي ٿئي ان ڪري غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ سڀ جو ڀلو آهي ان وڌيڪ سرندي واري کي گذارش ڪئي آهي اهڙو اوهان به رستو اختيار ڪريو اوهان به غريبن جي مدد ڪريو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *