ميرپور ساڪري ۾ ڳورھاڙي عورت نجي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلفت سبب فوت
ميرپور ساڪرو
ميرپور ساڪري جي ڳوٺ عيسي خاصخيلي جي ڳورھاڙي عورت کي ساڪري جي نجي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي 13 ڪلاڪ اسپتال ۾ رکڻ کانپوء ڪراچي موڪلڻ جو چيو عورت نجي اسپتال ۾ نڪريندي ئي فوت وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام
خبرموجب ميرپور ساڪري جي ڳوٺ عيسي خاصخيلي جي ڳورھاڙي عورت 35 ورھين جي زبيدان خاصخيلي کي ساڪري جي پرائيوٽ سڪندر خواجه اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي داخل ڪيو ڳورھاڙي عورت کي 13 ڪلاڪ اسپتال ۾ رکيو ويو پر عورت جي ڊليوري نه ٿي سگهي 13 ڪلاڪن کانپوء عورت جي مڙس کي ڳورھاڙي عورت کي ڪراچي کڻي وڃڻ جو چيو عورت اسپتال مان نڪرندي ئي فوت ٿي وئي عورت جي مڙس عيسي خاصخيلي فاروق خاصخيلي ۽ بخش خاصخيلي ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام ھڻندي چيو آهي ته گذريل رات 1 وڳي گھر واري کي پرائيوٽ اسپتال ساڪري ۾ داخل ڪيو 13 ڪلاڪن تائين ڊاڪٽرياڻي عورت کي مختلف ايجڪشنون بوتلون لڳائيندي رهي آخرڪار ڊليوري نه ٿي ته ڪراچي کڻي وڃڻ جو چيو ته اسپتال مان نڪرندي ئي عورت فوت ٿي وئي ھنن چيو ته اسان بار بار چيو جيڪڏهن مسئلو توهان کان حل نٿو ٿئي ته جلدي جواب ڏيو پر ڊاڪٽرياڻي آسرا ڏيندي رهي ـ ھنن چيو ته ڊاڪٽرياڻي کان جيڪڏهن اعلاج نه ٿيو ته 13 ڪلاڪن تائين ڇو رکيو ھنن چيو اسان جي عورت جي فوت ٿيڻ جي زميوار ڊاڪٽرياڻي آهي ھنن ڊي ايڇ او ٺٽو ۽ صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڊاڪٽرياڻي خلاف ڪاروائي ڪري ھر روز جانين سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي