گھوڙا ٻاري جي ڳوٺ فاضل پھنور ۾ 7 ورھين جو امتياز پھنور ۽ 18 ورھين جو الطاف پھنور سم نالي ۾ ڪري ٻڏي فوت

291 Views

ميرپور ساڪرو:
(رپورٽ:
ميرپور ساڪري لڳ تعلقي گھوڙا ٻاري جي ڳوٺ فاضل پھنور جي سم نالي ۾ 7 ورھين جو امتياز پھنور ڪري پيو جنهن کي بچائڻ لا 18 ورھين جو الطاف پھنور به سم نالي ۾ ٻڏي فوت ويا
خبرموجب ميرپور ساڪري لڳ گھوڙا ٻاري ويجهو يوسي مھر جي ڳوٺ حاجي فاضل پھنور ۾ 7 ورھين جو امتياز پھنور سم نالي ۾ ڪري پيو جنهن کي بچائڻ لا 18 ورھين جو الطاف پھنور ويو ته ٻئي ڄڻا سم نالي جي ڪن ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا فوتين جا لاش مقامي ڳوٺاڻن ڳولا ڪري ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا جتان ضروري ڪاروائي کانپوء وارثن حوالي ڪيا ھڪ معصوم ٻار ۽ نوجوان جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.