ميرپورساڪرو:ڪورونا وائرس سبب جانيون قربان ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل جي ملازمن کي سرخ سلام پيش ڪيو ويو

229 Views

ميرپور ساڪرو
سڄي ملڪ جيئان ميرپور ساڪرو ۾ به ڊاڪٽرن  ۽ پيراميڊيڪل  اسٽاف پاران ڪورونا وائرس سبب پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ ڊاڪٽرن  ۽ پيراميڊيڪل  جي ملازمن کي ياد ۾ ھڪ منٽ خاموشي ۽ اڇو جھنڊو ڦڙڪائي سرخ سلام پيش ڪيو ويو 
خبرموجب پورو ملڪ جيئان شيخ زيد اسپتال ميرپور ساڪرو ۾ به  ايم ايس ڊاڪٽر عبدالحليم جوکيو ڊاڪٽر مراد بلوچ ۽ ٻين جي  اڳواڻي  ۾ ڊاڪٽرن  ۽ پيراميڊيڪل  اسٽاف پاران ڪورونا وائرس دوران مريضن جو علاج ۽ سارسنڀال ڪندي پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ ڊاڪٽرن  ۽ پيراميڊيڪل  ملازمن جي ياد ۾ ھڪ منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ اڇو جھنڊو ڦڙڪائي سندن فرض شناسي ۽ انساني خدمتن عيوض کين سرخ سلام پيش ڪيو ويو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *