سوڀوديرو لڳ ڳوٺ ٽنڊو ميرڪرم خان جي رھواسڻ انور خاتون جو مڙس جي ظلمن کان احتجاج

79 Views

سوڀوديرو لڳ ڳوٺ ٽنڊو ميرڪرم خان جي رھواسڻ انور خاتون ڌي غلام سرور شيخ پنھنجي ماء سان گڏجي ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته منھنجي شادي راجا ملاح سان ٿيل ھئي جيڪو بدپيشو ڪرڻ لاء تشدد ڪندو ھيو انڪار تي گھران ڪڍي ڇڏيو مان طلاق حاصل ڪرڻ لاء سوڀوديرو جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايو گذريل ڏينھن نامعلوم ٿاڻي جي پوليس گھر ۾ گھڙي تشدد ڪيو ۽ ڌمڪايو ته راجا ملاح سان گڏ وڃ ٻي صورت ۾ تنھنجن ڀائرن ۽ پيء خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪنداسون ھن آءجي سنڌ۔ايس ايس پي خيرپور کان تحفظ ۽ انصاف جي گھر ڪئي
رپورٽر اميد علي ڄامڙو نيوز 10 تعلقو سو ڀوديرو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *