مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي ۾ نماز لاءِ سماجي وٿي جي شرط ختم

52 Views

رياض: مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي صه ۾ ڪورونا وبا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ لڳايل سماجي وٿي جون پابنديون ختم ڪيون ويون آهن. الحرمين الشريفين انتظاميه سماجي وٿي جي لاءِ لڳايل نشانيون هٽائي ڇڏيون آهن جنهن کان پوءِ مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي ۾ اڄ کان سماجي وٿي کان سواءِ نماز ادا ڪئي ويندي.
الحرمين الشريفين انتظاميه طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڪورونا وبا کان اڳ جي صفن جي اصل حالت کي بحال ڪيو پيو وڃي. جنهن کان پوءِ هاڻ مڪمل ماڻهن جي گنجائش سان نماز ادا ڪري سگهبي.
انتظاميه موجب مسجدالحرام جي ورانڊي مطاف ۾ به سماجي وٿي جي لاءِ لڳايل نشانيون هٽايون ويون آهن. طواف يا سعي ڪندڙن جي لاءِ سماجي وٿي جو اصول ختم ڪيو ويو آهي پر ماسڪ جي پابندي برقرار آهي. انتظاميه جو چوڻ آهي ته خانه ڪعبه ۽ مقام ابراهيم عليه السلام جي چوڌاري لڳايل بيريئر به هٽايا ويا آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *