ڪورونا وگهي وڌيڪ سترنهن مريض فوت، اوڻيهه سئو کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي

48 Views

اسلام آباد: (آچر 17 آڪٽوبر 2021ع) ڪورونا وگهي فوتگين جو سلسلو جاري آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 17 مريض فوت ٿي ويا. جڏهن ته هڪ هزار 958 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
موذي وائرس جا حملا جاري آهن. سموري ملڪ ۾ وڌيڪ 17 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 28 هزار 269 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب پاڪستان ۾ ايڪٽو ڪيسز جو انگ 26 هزار 237 ٿي ويو آهي.
گڏيل ڪيسز جو انگ 12 لک 64 هزار 384 ٿي ويو آهي. هاڪاري ڪيسز ۾ تيزي سان گهٽتائي اچڻ لڳي. 720 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. جڏهن ته 12 لک 9 هزار 878 مريض ڪورونا مان صحتياب ٿي چڪا آهن.
انگن اکرن موجب پنجاب ۾ 4 لک 37 هزار 793، سنڌ ۾ 4 لک 65 هزار 486، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 76 هزار 774، اسلام آباد ۾ هڪ لک 6 هزار 445 ۽ بلوچستان ۾ 33 هزار201 ڪيسز آهن. آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 397 ۽ گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 369 مريض ڪورونا مان متاثر ٿيا.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *