بل گيٽس جي ڌيءَ مسلمان دوست سان شادي ڪري ڇڏي

45 Views

مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس جي ڌيءَ جنيفر گيٽس پنهنجي مسلمان مصري دوست نائل ناسر سان شادي ڪري ڇڏي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب 16 آڪٽوبر تي پهرين مسلم طريقي سان شادي جي هڪ محدود تقريب ٿي جنهن کانپوءِ نيويارڪ ۾ شادي جي ٻي تقريب ۾ جنيفر گيٽس ۽ نائل ناسر شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا.

ميڊيا رپورٽس موجب هن شادي ۾ 20 لک ڊالرز (يعني 34 ڪروڙ پاڪستاني روپين کان وڌيڪ خرچ آيو) جڏهن ته شادي واري ڏينهن تي ٽريفڪ لاءِ روڊ بند ڪيا ويا هئا.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب شادي جي هي تقريب جنيفر جي ويسٽ چيسٽر هارس فارم ۾ منعقد ڪئي وئي هئي جنهن ڪيترن ئي مهمانن شرڪت ڪئي.

واضح رهي ته جنيفر گيٽس ۽ نائل ناسر جي وچ ۾ 2017 ۾ ويجها لاڳاپا ٿيا هئا ۽ 30 جنوري 2020 ۾ ٻنهي ڄڻن مڱڻي ڪئي هئي جن هاڻي شادي ڪري ڇڏي آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *