ٽي-20 ورلڊ ڪپ: آئرلينڊ نيڌر لينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

56 Views

ابوظهبي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ آئرلينڊ نيڌرلينڊز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ابوظهبي جي شيخ زايدڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ورلڊ ڪپ جي پهرين رائونڊ جي گروپ اي جي ٽين ميچ ۾ نيڌرلينڊز پهريان کيڏندي 20 اوورن ۾ 106 رنز ٺاهيون

آئرلينڊ جي فاسٽ بالر ڪرٽس چيمبر 4 بالز تي چئن وڪيٽون وٺي شاندار هيٽرڪ ڪئي.جواب ۾ آئرلينڊ هدف 15.1 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان حاصل ڪري ورتو. خيال رهي ته ٽي-20 ورلڊ ڪپ جو پهريون رائونڊ ابوظهبي ۽ عمان ۾ جاري آهي. پهرين ميچ ۾ نيڌر لينڊز ۽ آئرلينڊز جون ٽيمون دوبدو ٿيون، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ سريلنڪا جو مقابلو نميبيا سان ٿيو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *