پيٽرول بم ڪيرائڻ کانپوءِ عوام کي بجليءَ جو وڏو جهٽڪو ڏيڻ جون به تياريون

58 Views

 تبديلي سرڪار مهانگائي سٽيل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ کانپوءِ بجليءَ جو وڏو جهٽڪو ڏيڻ جون تياريون به شروع ڪري ڇڏيون. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جو چوڻ آهي ته سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي 2 روپيا 65 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ بجليءَ جي اگهن ۾ اها واڌ فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.

نيپرا جو چوڻ آهي ته سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست تي ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تي ٿيندي. ياد رهي ته اڃا ڪجهه ڏينهن اڳ ئي حڪومت بجليءَ جي اگهن ۾ هڪ روپيو 68 پئسن جو اضافو ڪيو هو ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 12 روپين کان وڌيڪ جو اضافو ڪيو ويو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *