جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي چمبڙ ۾ خليلي جماعت پاران شاندار ريلي ڪڍي وئي

84 Views

ٽنڊوالهيار

رپورٽ اعظم بوزدار

ٽنڊوالهيار ويجهو چمبڙ روڊ ڄارڪي موري اسٽاپ خليلي پمپ تي جشن عيد ميلاد النبي صله الله وعليه وسلم هر سال جيئان هن سال به هڪ بهترين پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ قرآن خواني ۽ نبي پاڪ جي شان ۾ محمد حسيب بوزدار ۽ محمد منصور بوزدار نعتن جو نزانو پيش ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ان موقعي تي مولانا فقير نور علي طاهري خطاب ڪندي نبي پاڪ جو شان بيان ڪيو الله ۽ رسول جي اطاعت ڪرڻ جي تلقين ڪئي جشن عيد ميلاد النبي صله الله وعليه وسلم جي منعقد ڪيل محفل وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن خصوصي طور سنڌ پريس ڪلب ٽنڊوالهيار جو صدر جي ايم پتافي نائب صدر روشن علي آريسر جنرل سيڪريٽري علي حسن کوسو رضا بلوچ رضا پتافي سني مڱڻهار قربان علي جسڪاڻي محبوب بوزدار ٻين شرڪت ڪئي آخر ۾ اجتماعي دعا کانپوء لنگر پڻ تقسيم ڪيو ويو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *