ايس ايس پي سجاول جي هدايتن تي پوليس جي منشيات فروشن جوارين ۽ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروايون

55 Views

سجاول رپورٽ شبير احمد ملاح.

ايس ايس پي سجاول سيد امداد علي شاھ جي سخت هدايتن تي سجاول ضلعي پوليس منشيات فروشن جوارين ۽ ٻين ڏوهارين خلاف پوري ضلعي ۾ ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيون آھن 3 جواري ۽ 10 منشيات فروش گرفتار
ايس ايڇ او سجاول راجا سرفراز نويد ڳجهي اطلاع تي مصري شاھ لنڪ روڊ ويجهو شھر جي مشھور منشيات فروش ڊيلر مڪيش ڪمار کي 4400 سئو پاڪيٽ JND سميت گرفتار ڪري ورتو گهوٽارو موري بٺورو سجاول روڊ وٽ فياض ميمڻ ۽ شعيب چانڊيو کي 2200 سئو پاڪيٽ JND گهٽڪي سميت گرفتار ڪري ورتو نصر الله ميمڻ کي 25 پاڪيٽ JND ۽ علي قهرائي کي پنج پاڪيٽ JND سميت سجاول ٻيلو روڊ وٽ گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي ٻي پاسي ايس ايڇ او دڙو ڪليم احسن پٺاڻ جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي ٽي جواري دلدار شورو عبدالستار کٽي ۽ مشوق ملاح کي گرفتار ڪري 6000 هزار روپيا ڪيش ھٿ ڪري کين گرفتار ڪيو آھي جڏهن ته ٻه جواري اقبال ميمڻ ۽ عزيز سومرو ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ائين چوهڙ جمالي پوليس هڪ منشيات فروش علي محمد چانڊيو کي گرفتار ڪيو آھي جاتي پوليس اياز علي ميمڻ ۽ شريف ملاح کي گرفتار ڪيو آھي ۽ جهوڪ شريف هڪ منشيات فروش کي سوگهو ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي ائين ضلعي سجاول ۾ ڪافي ڏينهن کان منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ايس ايس پي سجاول سيد امداد علي شاھ جي حڪمن تي لاڳيتو ڪريڪ ڊائون آھي ۽ سجاول جي داخلي ۽ خارجي رستن کان علاوه لنڪ روڊن تي پڻ سخت چيڪنگ جو سلسلو جاري آھي .

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *