تعلقو ڪنڊيارو لڳ ڳوٺ ڪمن مهيسر جو قديمي گورنمنٽ پرائمري اسڪول ويران، استاد مقرر نه ٿيو

45 Views

تعلقو ڪنڊيارو يوسي ڪمالديرو لڳ ڳوٺ ڪمن مهيسر جي قديمي گورنمنٽ پرائمري اسڪول ھڪ سال کان ويران ڪوبه استاد مقرر نٿي سگهيو ٻارڙن جو مستقبل داع تي لڳل چونڊيل نمائدا ووٽ وٺڻ کانپوء غائب
تفصيل موجب ڳوٺاڻو ڪليم مهيسر ۽ سماجي ورڪر راشد علي مچلو
ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳوٺ ڪمن مهيسر جو قديمي گورنمنٽ پرائمري اسڪول گذريل هڪ سال کان استاد حاڪم مهيسر ۽ غلام رسول مهيسر جي رٽائرمنٽ کانپوء ايڊوڪيشن ڊپارمنٽ جي نااهلي سبب هيئر تائين ڪو به استاد مقرر نٿي سگهيو ۽ اسڪول جي عمارت مڪمل طور تباه ۽ پٽيوالو چوڪيدار مقرر نه هجڻ جي ڪري در دريون پنکها چورن ۽ موالين جي ور چهڙي ويا آهي اسڪول ۾ گهٽ ۾ گهٽ 200 ٻار ڊيلي پڙهڻ لاء اچن ٿا پر استاد نه هجڻ جي ڪري اداس ٿي ڪري واپس هليا ٿا وڃن غريب مزدور هارين جي ٻارڙن جو مستقبل تباه ٿيڻ جو خدشو ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ هيو اسان بار بار ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمنٽ نوشهروفيروز آفيس جا چڪر ڪٽيا پر ڪو به ھن مھل تائين اثر ناھي ٿيو ڪيترائي دفا DEO نوشهروفيروز تعليم کاتي کي شڪايت ڪيون آهن پر ڪابه موٽ نه ملي ڳوٺاڻن وڌيڪ چوڻ هيو اسان پرائيويٽ اسڪولن جو خرچ برداشت نٿا ڪري سگهو ان لاء اسان غريبن کان تعليم جو حق نه کسيو وڃي اسڪول ۾ استاد مقرر ڪيو وڃي ڳوٺاڻن تعليم واري وزير سردار شاھ ۽ اعليٰ اختيار کي اپيل ڪيو ته اسڪول ۾ جلد کان جلد استاد مقرر ڪري غريب ٻارڙن جو مستقبل تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي
رپورٽ غلام شبير مري تعلقو ڪنڊيارو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *