ڪي اين شاھ ۾ وفاقي حڪومت پاران پئٽروليم شين جا اگھن ۾ واڌ خلاف شهرين جو سخت احتجاج

49 Views

خيرپورناٿن شاھ ( رپورٽ )
وفاقي حڪومت پاران مسلسل پئٽروليم شين جا اگھ چوٽ چاڙھڻ واري حڪم کي ڪي اين شاھ واسين اهڙي فيصلي کي رڌ ڪري ڇڏيو ان موقعي تي شھر جي سياسي سماجي سول سوسائيٽي ۽ شھرين پورهيت مزاهمت دادو ڪي اين شاھ تنظيم جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سٽي پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاج ڪيو ۽وفاق حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي
احتجاج ڪندڙ اڳواڻن بلاول ڀرڳڙي،غلام محمد گاڏهي، صدام پنھور، ماجد ٻگهيون، رستم، اسد نظام چانڊيو، حفيظ چانڊيو ۽ صحافين سان ڳالاهيندي چيو ته عمران نيازي جي وفاقي حڪومت عالمي مالياتي اداري آء ايم ايف اڳيان مڪمل گوڏا کوڙي چڪي آھي جڏھن ته ڊالر جي بلند ترين سطح پاڪستاني 171 روپين تي پهچي چڪو آھي 2018 ۾ سون جي قيمت 60 هزار کان گهٽ ھئي ۽ ھاڻي سون هڪ لک 18 هزار تي تولو وڪرو ٿي رهيو آھي معاشي ماهرن مطابق حڪومت جيڪڏھن آء ايم ايف جو پروگرام جاري رکيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون 170 روپيا في ليٽر تي پهچي وينديون حڪومت جي ان سامراجي پاليسي تحت آئي ڏينهن پيٽرول ۽ ڊيزل سميت کاڌي پيتي جي روز مره جي شين جي قيمتون وڌائيندي رهي ٿي وڌندڙ مھانگائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي غريب مزدور پنهنجن ٻچن سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آھن ۽ وفاقي حڪومت پاڪستان ۾ رهندڙ عوام جو جيئڻ جهنجال ڪري ڇڏيوآھي پاڪستان جو عوام وفاقي حڪومت جي طرفان وڌندنڌڙ مهانگائي جي ڪري بک بدحالي ۽ بيروزگاري جھڙي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو آھي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *