اڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ علي محمد ڏيٿو جي ڳوٺاڻن جو بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج

50 Views

اڏيرولال (رپورٽر ممتازعلي ورياھ)اڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ علي محمد ڏيٿو جي ڳوٺاڻن عبدالواحد ڏيٿو، ذوالفقار ڏيٿو، شاگردن رجب علي، علي محمد ڏيٿو، يوسف ۽ رضوان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو آهي ته علائقي جا بااثر وڏيرا عثمان ڏيٿو، علي بخش ڏيٿو، وڏيرو خدا بخش ڏيٿو، لال محمد ڏيٿو اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، هنن چيو ته رستو بند هئڻ سبب اسان جا ٻارڙا اسڪول نه ٿا وڃي سگهن، جنهن ڪري سندن تعليم تباهه ٿي وئي آهي. هنن چيو ته وڏيرو خداڏنو ڏيٿو ۽ عثمان ڏيٿو ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن. هنن چيو ته مختلف ٿاڻن تي سندن خلاف ڪيس پڻ داخل آهن. هنن چيو ته اسان کي قتل ۽ اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته اسان اعليٰ اختيارين کي بار بار شڪايتون ڪيون آهن پر ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي. هنن چيو ته اسان کي بااثر ماڻهن مان جان جو خطرو آهي. هنن هاءِ ڪورٽ سنڌ، آئي جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف قدم کڻي انصاف ڪيو وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *