پاپونيوگيني کي شڪست: بنگلاديش اڳئين رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

53 Views

دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل مينز ٽي ٽوئنٽِ ورلڊ ڪپ 2021ع جي ڪواليفائنگ رائونڊ جي نائين ميچ ۾ بنگلاديش پاپوا نيوگني کي 182 رنز جو هدف ڏنو، بنگلاديش جي ٻڙي تي پهرين وڪيٽ ڪري پئي، جنهن بعد لٽن داس شڪيب الحسن ٽيم کي خساري کان ڪڍيو. لٽن داس 29 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، شڪيب الحسن 46 رنز جي اننگز کيڏي.

ڪپتان محمود الله  28 بالن تي 50، جڏهن ته عفيف حسين جي 21 ۽ محمد سيف الدين جي 19 رنز جي مدد سان بنگلاديش ٽيم 20 اورون ۾ 181 رنز ٺاهڻ ۾ ڪامياب وئي. جواب ۾ پي اين جي ٽيم جا رانديگر بالرن آڏو بيوس ٿي ويا ۽ سموري ٽيم رڳو 97 رنز تي ڍير ٿي وئي. جڏهن ته شڪيب الحسن مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *