فنڪشنل ليگ اڳواڻ سيد صدر الدين شاھ جي 61 هين سالگراھ جي موقعي تي سکر ۾ شاندار تقرب ٿي گذري

109 Views

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدر الدين شاھ جي 61 هين سالگراھ جي موقعي تي فنڪشنل ليگ هائوس سکر ۾ شاندار تقرب منعقد ڪئي وئي 61 پائونڊ جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ آتشٻازي ڪئي وئي سالگراھ تقريب ۾ فنڪشنل سنڌ جي اڳواڻ سيد شفقت علي شاھ سميت مير اعجاز ٽالپور۔سيد جيئل شاھ۔محمد جاويد شيخ۔عبدالحق مهر۔حسين بخش ڀنڀرو۔ارباز علي عباسي۔محمد حيات منڱريو۔طالب حسين ٻرڙو۔ڪوثر پروين۔رضيه عباسي۔اسد شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۔تقريب ۾ ملڪ پاڪستان جي سلامتي۔خوشحالي سميت پير سيد صدرالدين شاھ راشدي جي ڊگھي ڄمار لاء پڻ خصوصي دعائون گهريون ويون ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي شفقت علي شاھ چيو ته پير سائين پاڳاري جي قيادت ۽ بصيرت ۾ حرجمائت ملڪي ترقي ۔خوشحالي لاء ڪردار ادا ڪري پئي پير سائين پاڳاري جي خاندان جون ديني تعليمات لاء ڏنل ڏنل قربانيون ڪنهن کان به لڪل ناهن حر مجاهدن پاڪستتان جي حفاظت لاء ھميشه قربانيون ڏنيون آھن اڄ به لکين حر مجاهد پير پاڳاري جي هڪ حڪم تي پنهجي جان۔مال پاڪستان جي سلامتي لاء قربان ڪرڻ کان پوئتي نه هٽندا شفقت علي شاھ وڌيڪ چيو ته ملڪ هن وقت نازڪ مرحلي مان گزري پيو ان لاء اسان سڀني کي سمورا اختلاف ختم ڪري قومي ٻڌي جو ثبوت ڏيڻو پوندو ۔فنڪشنل ليگ سکر جي عوام جو آواز بڻجي چڪي آھي پ پ جي ناقص ڪارڪردگي ڪرپشن ۽ عوام دشمن پاليسين سبب سنڌ جا شھري ۽ ٻھراڙين وارا علائقا ترقياتي ڪمن کان محروم آهن ترقياتي ڪمن جي نالي تي سنڌ جي ناڙي جي تباهي ڪئي آھي فنڪشنل ليگ عوام سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف هر فورم تي ڀرپور آواز اٿاريو آھي سنڌ جي عوام کي بلدياتي ۽ بنيادي حق ڏيارڻ لاء روڊن تي اچڻلاء مجبور ڪيو پيو وڃي انشاء الله عوام جي طاقت سان اقتدار حاصل ڪري عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪنداسين۔

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.