سجاول ۾ ڪجه ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل نورمحمد لوٺيو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ملاح برادري جي وارثن جو احتجاج

61 Views

سجاول رپورٽ شبير احمد ملاح
سجاول.
ٽي ڏينهن اڳ ٻيلو پوليس جي حد ۾ ملاح.سميجا ۾ زمين تان ھلندڙ تڪرار ۽ پاڻي جي واري تان قتل ٿي ويل نورمحمد لوٺيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد ۽ گرفتار ملاح برادري جي وارث عورتن مردن جو پريس ڪلب سجاول آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ صحافين سان ڳالهائيندي گفتار ٿيل گل حسن ۽ خان ملاح جي ڀيڻ مسمات ڪزو ملاح.زاھيدان ملاح.چيو ته اسان ابن ڏاڏن کان پنھنجي سروي زمين تي رھندڙ آھيون نالي سالار سميجو . ۽ بابو سميجو جيڪي علائقي جا بااثر ماڻهو آھن اسان اسانجي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا جنھن لاءِ اسان جھيڙي کان پھريان بہ وس وارن کي دانھون ڏنيون پر ڪنهن به اسان جي دانھن نہ ٻڌي ٽي ڏينهن پھرين رات جو 2 بجي سالار سميجو .بابو سميجو نورمحمد لوٺيو کي پاڻ سان گڏ وٺي اسان جي گھرن تي حملو ڪيو ۽ پاڻ فائرنگ ڪري اسان کي فاسائڻ جي لاءِ نور محمد لوٺيو کي قتل ڪيو ڪري ڇڏيو لاش اسانجي گھرن وٽ جي گھٽي وٽ ڦٽو ڪري ويا جنھن کان پوءِ پوليس انھن جي چرچ تي اسان جي پورھيت مردن تي ڪيس داخل ڪيو آهي ھاڻي پوليس اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي اسان جا ٽي ڄڻا گرفتار ڪري 9 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب ھاڻي اسان جي گھرن۾ ڪوبہ مرد ماڻھو نہ آهي سميجا برادري جا ھٿياربند اسان جي گھرن جي چوءطرف مورچابند ٿي ويٺل آهن.اسان ھاڻي گھرن کان ٻاھر بہ نٿا نڪري سگھون گھرن ۾ سيدو سامان ناھي جو ٻچن کي کارائي سگھون ھن وقت بکن ۾ تڙپي رھيا آھيون. ڪوبه مرد نہ آهي اسان عورتون ئي گھرن ۾ اڪيليون آھيون اسان کي بہ ڌمڪيون ملي رهيون آهن اسان پيرن اگھاڙيون محصوم ٻار کڻي پريس ڪلب سجاول پھتيون آھيون ھڪ بک خوف ٻيو بک تي پريشان آھيون اسان سان انصاف ڪيو وڃي واقعي جي جاچ ڪري اصل قاتلن کي گرفتار ڪري اسان جي بي ڏوهي ماڻهن تان ڪيس ختم ڪري کين آزاد ڪيو وڃي متاثرن عورتن وزير اعلي سنڌ.ھاء ڪورٽ آئي جي سنڌ ايس ايس پي سجاول کان انصاف تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي .

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *