سياري ۾ هڪ دفعو ٻيهر گئس جي بحران جو امڪان

45 Views

اسلام آباد: (سومر 25 آڪٽوبر 2021ع) پاڪستان ۾ لاڳيتو ٽئين سال به سياري جي موسم دوران گئس جو بحران ڪر کڻي چڪو آهي.
گئس جا گهٽ ٿيندڙ ذخيرا، ايل اين جي مناسب مقدار ۾ خريداري ۾ ناڪامي سبب هي سيارو به عوام جي لاءِ گذريل سياري کان مختلف نه هوندو هن سال ايل اين جي جون عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون وڌيڪ هجڻ سبب گئس جو بحران وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي.
ٻيو سبب پيٽرول جون وڌندڙ عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون آهن جيڪي 86 ڊالر في بيرل تائين پهچي چڪيون آهن. ان جي نتيجي ۾ پيٽرول ملڪ ۾ رڪارڊ 137 روپيه في ليٽر تائين پهچي ويو آهي. ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌندڙ قيمتون پاڪستان کي وڌيڪ متاثر ڪري رهيون آهن. اپريل 2020 ۾ جڏهن پيٽروليم شين جون قيمتون تمام گهٽ هيون ته ڪيترن ئي ماهرن حڪومت کي اهڙي صورتحال جو فائدو کڻڻ ۽ مستقبل ۾ قيمتن ۾ اضافي کي روڪڻ جو مشورو ڏنو هو پر ان مشوري تي ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو.
حڪومت ڪيترائي ڀيرا ايل اين جي ٽريڊرز کان گهٽ قيمت تي معاهدي ڪرڻ جا موقعا به ضايع ڪري ڇڏيا جنهن سان اربين روپين جي بچت به ٿي سگهي ٿي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *