ڊي آئي جي آفتاب پٺاڻ 8 هزار افغاني پوليس ۾ ڀرتي ڪري سنڌ دشمني ڪئي آهي: رمضان بليدي

47 Views

گڏاپ ( رپورٽر )ڊي آئي جي آفتاب پٺاڻ طرفان 08 هزار افغاني پوليس ۾ ڀرتي ڪري سنڌ دشمني ڪئي آهي سنڌ اهڙي سنڌ دشمن کي ڪڏهن به قبول نه ڪندي سنڌ نيشنل پارٽي سنڌ حڪومت کان گهر ٿي ڪري ته افغانين کي سنڌ پوليس مان فوري طور نيڪالي ڏئي ڊي آئي جي آفتاب پٺاڻ جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اهڙي خيالن جو اظهار سنڌ نيشنل پارٽي جي سينئر وائيس چئيرمين رمضان بليدي پنهنجي جاري پريس بيان ۾ ڪيو رمضان بليدي وڌيڪ چيو ته پهريان اي ڊي خواجا سنڌ دشمني ڪندي هزاريوال پوليس ۾ ڀرتي ڪيا تڏهن به حڪومت طرفان ڪو اي ڊي خواجا خلاف قدم نه کيون ويو سنڌ جو شعور پڇڻ ٿو چاهي ته آخر ڪنهن جي چوڻ تي هيڏي وڏي سنڌ دشمني پئي ٿي رمضان بليدي وڌيڪ چيو ته ايس پي نثار چنا اهڙو انڪشاف ڪندي سنڌ جي ماڻهن جون اکيون کولي ڇڏيون آهن جڏهن ته سنڌ ۾ لکين سنڌي نوجوان روزگار لاء پريشان آهن ڊگريون هٿن ۾ کڻي نوڪرين لاء ڀوتارن جي درن جا چڪر ڪٽي رهيا آهن پر انھن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي ڇا سنڌ جي نوجوانن ۾ اهليت ناهي جو افغان پناهگيرن هزاريوال ۽ ٻين غيرملڪين کي سنڌ جو ڊوميسائل ڏئي سنڌ ۾ نوڪريون ڏنيون ٿيون وڃن آخر سنڌي ماڻهن جو ڪهڙو ڏوھ آهي اسان پڇڻ ٿا چاهيون سنڌ حڪومت ۽ ٻين وسوارن ادارن کان ته آخر سنڌين جو ڏوھ ڪهڙو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *