ڪنڊيارو جي شهباز ڪالوني ۾ گندگي جو آزار وڌي ويو رهواسين جو احتجاج

47 Views

ڪنڊيارو شهر جي شهباز ڪالوني ۾ گندگي جو آزار وڌي ويو رهواسين صفائي نه ٿيڻ سبب آزار ۾ اچي ويا ٽائون انتظاميه گندگي جي خاتمي لاءُ ڪي به قدم نه کنيا رهواسين جو احتجاج رهواسين امان الله هنڱورو رضا محمد کچي راشد سولنگي فهد ڪليري ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته شهباز ڪالوني ۾ گندگي جو آزار وڌي ويو آهي صفائي عملو نه اچڻ سبب گھٽين ۾ گندگي جا ڍير ٿي ويا آهن نالين جو پاڻي اٿلي گھٽين ۾ بيهي ويو آهي رضا محمد کچي جي اوطاق ڀرسان گھتي ۾ پيل گندگي ڪيترن ئي ڏينهن کان صفائي عملي ناهي هٽائي جنهن سبب رهواسين کي اچ وڃ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي هنن چيو ته ٽائون انتظاميه شهرين کي صفائي جي سهولت ڏيارڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي سوين صفائي عملو هجڻ باوجود شهري صفائي کان محروم آهن شهر جي صفائي لاءَ لکين روپيا بجيٽ ۽ سوين صفائي عملو مقرر ٿيل آهي پر ان باوجود به شهر جي حالت بدتر ٿي رهي آهي شهري صفائي لاءُ پريشان آهن هنن چونڊيل نمائندن سيشن جج نوشهروفيروز سميت جاچ ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو ته ڪنڊيارو ٽائون ۾ شهري جي صفائي لاءُ رکيل بجيٽ ۽ عملي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪري شهرين کي صفائي جي سهولت ڏياري وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو رپورٽر غلام شبير مري ڪنڊيارو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *