پريس ڪلب اڏيرولال جي وفد جي اطلاعات کاتي مٽياري جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد صابر ڪاڪا سان ملاقات

58 Views

اڏيرولال(رپورٽرممتازعلي ورياھ): پريس ڪلب اڏيرولال جي وفد جي حافظ امتياز علي چنا جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس مٽياري ۾ اطلاعات کاتي مٽياري جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد صابر ڪاڪا سان ملاقات، ملاقات ۾ مختلف معاملن ۽ پريس ڪلب اڏيرولال کي پيش ايندڙ معاملن تي ڳالهيون. خبر موجب اڏيرولال پريس ڪلب جي سينيئر صحافين حافظ امتياز علي چنا، عبدالغفور هنڱورو ۽ سڪندر ساهووال اطلاعات کاتي مٽياري جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد صابر ڪاڪا سان ڊي سي آفيس مٽياري ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پريس ڪلب اڏيرولال جي وفد اطلاعات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي پيش ايندڙ مسئلن بابت آگاهي ڏني. ان موقعي تي اطلاعات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽروفد سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پريس ڪلبن کي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي اها اولين ترجيح آهي ته صحافين جي مسئلن کي اوليتي بنيادن تي حل ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد صابر ڪاڪا پريس ڪلب اڏيرولال جي وفد کي خاطري ڪرائي ته سنڌ اطلاعات کاتو صحافين جي ڀلي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ پريس ڪلب اڏيرولال کي پيش ايندڙ مسئلن کي اوليتي بنياد تي حل ڪيو ويندو. ان موقعي تي اطلاعات کاتي جو سينيئر ڪلارڪ سعيد احمد شيخ ۽ ڪئميرا مين محب سيال پڻ موجود هئا.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *