پريس ڪلب هالاڻي جي نئين سال 2021/22 جي اليڪشن ٿي گذري

83 Views

هالاڻي :
پريس ڪلب هالاڻي جي نئين سال جي چونڊ منظور خاصخيلي صدر ، سينيئر نائب صدر طارق جان سهتو ۽ ظفر علي اعواڻ جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا نئين چونڊيل باڊي کي سياسي سماجي ادبي شخصيتن پاران گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون ويون
پريس ڪلب هالاڻي جي نئين سال 2021/22 جي نئين سال جي اليڪشن سينيئر صحافي محراب پور يونين آف جرنلسٽ تعلقه صدر غلام محمد زرگر، پريس ڪلب خانواهڻ جي مظھر ڪلهوڙو، پريس ڪلب لاکاروڊ جي صدر محمد صالح ڏاهري، سنڌ پريس ڪلب محرابپور جي سرپرست محمد عظيم نوناري صحافي نثار انصاري ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ هالاڻي جي ڪائونسلر اقبال گاڏهي جي نگراني ۾ پريس ڪلب هالاڻي ۾ ٿي گذري جنهن ۾ متفقه طور تي صدر منظور علي خاصخيلي، سينيئر نائب صدر طارق جان سهتو، نائب صدر حزب الله چانگ، جنرل سيڪريٽري ظفر علي اعواڻ، جوائنٽ سيڪريٽري اعجاز خاصخيلي، خزانچي ادريس سهتو، پريس سيڪريٽري محبوب نانگور، آفيس سيڪريٽري قابل خاصخيلي چونڊيا ويا جڏهن ته ايگزيڪٽو ڪاميٽي تي چيئرمين مزمل ڪمبوھ وائس چيئرمين رسول بخش چانگ کي منتخب ڪيو ويو جڏهن ته ميمبر وقار خاصخيلي ، منظر حسين سهتو، شاهد انڙ ، فاروق راجپوت، شاهد چانڊيو کي چونڊيو ويو ان موقعي تي منتخب ٿيل صدر منظور علي خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته صحافي جو ڪم عوامي مسئلن کي اجاگر ڪري اعلا اختيارين تائين پهچائڻ آهي ۽ مان پريس ڪلب هالاڻي جي دوستن پاران ڪيل اعتماد تي پورو لهندس ۽ سڀني ميمبر دوستن کي گڏ کڻي هلبو جڏهن ته اليڪشن ڪاميٽي جي دوستن سينيئر صحافي حاجي غلام محمد زرگر پريس ڪلب لاکاروڊ جي صدر محمد صالع ڏاهري پريس ڪلب خانواهڻ جي مظهر ڪلهوڙو سنڌ پريس ڪلب محراب پور جي سرپرست اعلي محمد عظيم نوناري صحافي نثار انصاري سنڌي ادبي سنگت جي اقبال گاڏهي پريس ڪلب هالاڻي جي چونڊيل نئين باڊي کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اسان اميد ڪيون ٿا ته پريس ڪلب هالاڻي جا چونڊيل نوان عهديدار عوامي مسئلن کي ترجيع ڏيندا ۽ حق ۽ سچ جي راھ تي هلندي عوام جي خدمت ڪندا رهندا ان موقعي تي نئين چونڊيل باڊي کي سياسي سماجي اڳواڻن پڻ مبارڪون ڏنيون

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *