بدين جي وئڪسينٽرن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو

53 Views

بدين رپورٽر
بدين جي وئڪسينٽرن جو ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو پريس ڪانفرنس، سنڌ جي سوين وئڪسينٽرن کي اب گريڊ ڪرڻ ۽ ٽائيم اسڪيل کان محروم رکيو ويو آهي، مطالبن جي مڃتا تائين ٽي تاريخ کان سنڌ جا سمورا سينٽر بند ڪيا ويندا، وئڪسينٽر

تفصيل موجب بدين جي ھڪ سئو جي لڳ ڀڳ وئڪسينٽرن سيد اڪرم علي شاھ، عبدالرحمان ميمڻ، عرفان علي ميمڻ، معشوق خاصخيلي، سليمان سومرو، فيصل چنا، عنايت الله جوڻيجو، اشفاق ڀرڳڙي جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت اڳيان ھٿن ۾ شيٽون کڻي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان جي ٽن صوبن ۾ وئڪسينٽرن کي اب گريڊ ڪري سندس سمورا مطالبا منظور ڪيا ويا آهن ۽ جن جون پگهارون به وڌايون ويون آهن، پر واحد سنڌ جي. وئڪسينٽرن کي نه ته ابگريڊ ڪيو ٿو وڃي نه وري ٽائيم، اسڪيل ڏنو ٿو وڃي، ھنن چيو ته سنڌ جي 336 وئڪسينٽرن پاران 18 مھينا ڊيوٽيون ڪرڻ جي باوجود کين ھٽايو ويو آهي. ھنن چتاءُ. ڏيندي چيو ته جيڪڏهن 31 تاريخ تائين اسان جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته پھرين تاريخ کان ٽڪن جا سيٽر بند ڪيا ويندا ۽. حڪومت طرفان پندرهن تاريخ کان ٻارڙن کي ارڙي کان بچا جا ٽڪا لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنھن کان بائيڪاٽ ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيون ٿا ۽ 5 تاريخ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو ۽ آخرڪار وزير اعلي ھائوس اڳيان مرڻ گهر تائين ڌرڻو هنيو ويندو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *