آريان خان 80 هزار جي ڀنگ گهرائي، اننيا ۽ آريان جي چيٽ ليڪ!!

45 Views

ممبئي (م.ڊ) منشيات ڪيس ۾ گرفتار ڪنگ خان شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان ۽ اداڪاره ننيا پانڊي جي واٽس ايپ چيٽ ليڪ ٿي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اسٽار ڪڊذ ڀنگ سميت ٻي منشيات بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. واٽس ايپ چيٽ ۾ آريان خان، اچيت ڪمار نالي همراهه کان 80 هزار ڀارتي رپين جي ڀنگ گهرائي. رپورٽس موجب اهي چيٽس جولاءِ 2019ع جون آهن، انهن چيٽس ۾ آريان خان ۽ اننيا پانڊي ڀنگ سميت ٻي منشيات جي باري ۾ ڳالهايو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *