وفاقي حڪومت ٽن مهينن دوران وڌيڪ ٽي ارب ڏهه ڪروڙ ڊالرن جو قرض کڻي ورتو

52 Views

اسلام آباد: (اڱارو 26 آڪٽوبر 2021ع) وفاقي حڪومت مالي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ مالي سال 21-2022 جي پهرين ٽه ماهي(جولاءِ کان سيپٽمبر) جي دوران گڏيل طور تي 3 ارب 10 ڪروڙ ڊالرن جو قرض کڻي ورتو آهي.
اقتصادي معاملن واري ڊويزن قرضن بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 3 مهينن(پهرين جولاءِ کان 30 سيپٽمبر) تائين پاڪستان کي 17 ارب روپين جي گرانٽس ملي آهي. حڪومت گڏيل معاهدن جي تحت 7 ڪروڙ 69 لک ڊالر ۽ ملٽي ليٽرل مالي ادارن مان هڪ ارب 56 ڪروڙ ڊالر قرض کنيو آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت ڪمرشل بينڪن مان 45 ڪروڙ 70 لک ڊالرن جو قرض حاصل ڪيو آهي. جڏهن ته حڪومت کي مختلف ملڪن ۽ ملٽي ليٽرل ادارن مان 19 ڪروڙ ڊالرن جي گرانٽس ملي آهي.
جولاءِ کان سيپٽمبر تائين چين کان 7 ڪروڙ 33 لک ڊالر قرض مليو. جڏهن ته آمريڪا کان پاڪستان کي 3 مهينن دوران 3 ڪروڙ 72 لک ڊالر قرض مليو آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان کي 45 ڪروڙ 99 لک ڊالر قرض ڏنو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *