ٿرڪول بلاڪ ون جي متاثرين جو صوبائي وزير آڏو سخت احتجاج

51 Views

اسلام ڪوٽ:ٿرڪول بلاڪ ون جي متاثرين جو صوبائي وزير آڏو سخت احتجاج،مسئلا حل نه ٿيڻ جون دانهون،امتياز شيخ پاران مقامي چونڊيل نمائيندن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي مسئلا حل ڪرڻ جي يقين ڌياني،
خبرموجب:صوبائي وزير توانائي امتياز شيخ جي ٿرڪول بلاڪ ون جي دوري دوران متاثر ٿيندڙ ڳوٺ وروائي ۽ تلوايو جي متاثر ٿيندڙ ڳوٺاڻن سهراب راهمون،حاجي ثناءُ اللّٰه راهمون،وريام لنجو،مبارڪ مهراڻپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رهواسين صوبائي وزير آڏو احتجاج ڪندي دانهيو ته ٿرڪول بلاڪ ون جا سڀ کان پهرين اسان متاثر آهيون،وڏي قرباني ڏني آهي،ڪمپنين جيڪي واعدا ڪيا هئا اُن تي ٽڪي جو به عمل ناهي ٿي سگهيو،اسان کي دربدر ڪري رُلايو پيو وڃي،حق گُهرڻ تي ڌمڪيون ملن ٿيون،دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون ڪير ٻُڌڻ وارو ناهي،ڳوٺاڻن جي احتجاج تي صوبائي وزير پاران احتجاج ڪندڙن کي يقين ڌياني ڪرائيندي چيو ته آئون ٿرڪول بلاڪ ون انتظاميا کي وارننگ ڏيان ٿو ۽ جلد ٿر جي چونڊيل نمائيندن تي مشتنل چار رُڪني ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا اوهان جي جائز ۽ بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي،هن چيو ته پ پ حڪومت هميشه ماڻهن سان انصاف ڪيو آهي،انشاءُ ٿرڪول بلاڪ ون جي متاثرين سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين،

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *