ڪنڊيارو ۾ سرڪاري زمينن، پلاٽن، عيد گاھ ۽ قبرستانن تي قبضي خلاف احتجاج

45 Views

تعلقو ڪنڊيارو ۾ سرڪاري زمينن ۽ پلاٽن مقدس عيد گاھن ۽ قبرستانن سميت نجي سروي نمبر زمينن ۽ پلاٽن تي ٿيل قبضي خلاف سڄاڳ شھري اتحاد جي نوجوانن جو احتجاج جو سلسلو جاري جنھن جي اڳواڻي جي ايم ڪليري ڪامريڊ فرحان کوسو ڪنڊيارو جي مقدس عيد گاهن جي قبضا معافيا خلاف سخت ناري بازي ڪري ٻدايو اسان ڊي سي نوشهروفيروز کي به درخواست ڏئي چڪا آهيو پر ڪابه موٽ نه ملي هاڻي عدلتن جو در کڙڪائيداسين احتجاج ڪندڙن ۾ هڪ بزرگ 70 ساله شھري عبدالرشيد ڪليري ميڊيا کي دانھيندي ٻدايو ته بااثر ذوالفقار عرف لياقت ڪليري منھنجي ذاتي ملڪيت پلاٽ تي سياسي اثر رسوخ تحت قبضو ڪري ويٺو آھي ۽ ڌمڪيون پڻ ڏئي رھيو آھي اسان ھاء ڪورٽ سپريم ڪورٽ ۽ ڊي سي نوشھروفيروز کان مطالبو ٿا ڪريون غير قانوني قبضا فوري ختم ڪرايا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيا ويندا ۽ بک ھڙتال ڪيمپ قائم ڪئي ويندي رپورٽر غلام شبير مري ڪنڊيارو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *