اڏيرولال وليج لڳ ڳوٺ فقير محمد ڪوريجو واسي ادريس جو پنهنجي زال سان گڏ احتجاج

40 Views

اڏيرولال(رپورٽرممتازعلي ورياھ): اڏيرولال وليج لڳ ڳوٺ فقير محمد ڪوريجو جي رهواسين زال مڙس ادريس ۽ مسمات رياست پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي چيو آهي ته سندس چاچا رسول بخش، علي ارباب ڪوريجو ۽ ٻيا اسانجي اباڻي زرعي زمين تي زبردستي قبضو ڪيو ويٺا آهن، هنن چيو ته پنهنجو حق گهرڻ تي اسان کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. مسمات رياست وڌيڪ چيو ته اسان جي اباڻي زمين ضلعي نوشهري فيروز ۾ آهي، پر اسان جا چاچا حق گهرڻ تي اسان کي جان کان مارڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ٻار بار اختيارين کي دانهيو آهي پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، هنن وس وارن کان انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *