ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي پاران ضلعي جي اسسٽنٽ ڪمشنرن جي ڪاڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار

45 Views

ميرپور ماٿيلو رپورٽ قاضي رسول بخش.گهوٽڪي 26 اڪٽوبر 2021: ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي پاران ضلعي جي اسسٽنٽ ڪمشنرن جي ڪاڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار، هٿرادو مهانگائي ڪندڙ منافعي خورن خلاف سخت ڪارروايون شروع ڪرڻ جي هدايت، عوام کي رليف ڏئي روزانو جي بنيادن تي رپورٽ فراهم ڪرڻ جو حڪم. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبيﷲ جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ پرائيس ڪنٽرول جي سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو،ڏهرڪي، خانڳڙه ۽ اوٻاوڙو جي اسسٽنٽ ڪمشنر شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خطاب ڪندي چيو ته ضلعي جو عوام هٿرادو مهانگائي جون شڪايتون ڪندو رهي ٿو انڪري سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر روزانو ڪي بنيادن تي بازارن جو دورو ڪري عام واهپي جي شين جون قيمتون معلوم ڪن ۽ من پسند اگهه وصول ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن. ان موقعي تي هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته صرف آفيسن ۾ ويهي وقت گذارڻ سان ڪم نه هلندو، فيلڊ ۾ نڪرو ۽ مهانگائي کان ستايل عوام کي رليف فراهم ڪريو ان سلسلي ۾ سمورن دوڪاندارن کي پابند ڪيو وڃي ته هو سنڌ حڪومت توڙي مارڪيٽ پاران مقرر اگهن تحت اٽو توڙي عام واهپي جون شيون وڪرو ڪن جڏهن پيٽرول پمپن تي پڻ ڇاپا هڻي واڌو اگهه وصول ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڪارڪردگي کي بهتر ڪري روزانو رپورٽ فراهم ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪارروائي لاءِ سفارش ڪئي ويندي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *