آبپاشي کاتي جي سوين ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاء سکر بئراج کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

44 Views

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو) آبپاشي کاتي جي سوين ملازمن پاران سنڌايگيشن ٽريڊيونين متحده فيڊريشن ۽ آپڪا آبپاشي يونٽ جي سڏ تي  مطالبن جي مڃتا لاء سکر بيئراج کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس سکر ٻاهران مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي مظاهرين کي خطاب ڪندي چيئرمين سنڌ  خادم حسن کوسو۔غلام سرور ڪانڌڙو۔عبدالنبي جاڳيراڻي۔غلام فريد سروهي آپڪا اڳواڻ طاهر مغل۔عبدالوهاب ڊومڪي۔شڪيل احمد۔هادي بخش ۽ ٻين جو چوڻ هوته آبپاشي کاتي جي ملازمن کي خزاني آفيس سکر جو ضلعي آفيسر ربنواز سانڌاڻو ۽ سيڪشن آفيسر زڪريا ميمڻ جائز ڪم لاء به فوتي ملازمن جي وارثن سان  ۽ ريٽائرڊ ملازمن سان ناانصافيون ڪري رهيا آھن رشوت ڏيڻ کانسواء ڪو به ڪم نه ٿا ڪن جيڪو عمل انتهائي مذمت جوڳو آھي جيڪڏهن ٻنهي آفيسرن کي فوري طور برطرف نه ڪيو ويو ته ٻي صورت ۾ مجبور ٿي ڄاڻايل آفيسرن جي برطرفي تائين سکر پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪرڻ ڪئي ويندي اڳواڻن سنڌ حڪومت کان اهو به مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت کي ڏنل ٽارچر آف ڊيمانڊ جنهن ۾ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ سميت ريٽائرڊ ۽ فوتي  ملامن جي اولاد کي نووڪريون ڏنيون وڃن۔ سمورن ملازمن کي هيلٿ ڪارڊ ۔يوٽيلٽي الائونس۔گروپ انشورنس۔ پروموشن ڪيا وڃن جيڪو ملازمن جو حق آھي پترقيون ڏنل ملازمن کي آرڊر ڏنا وڃن جڏهن ته پروموشن لاء آبپاشي کاتي جي آفيسرن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وڃي روينيو ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن کي شامل نه ڪيو وڃي۔انٽرويو به آبپاشي کاتي جي آفيسرن کان ڪرايو وڃي  اڳواڻن سنڌ حڪومت کان اهو به مطالبو ڪيو آھي ته سييڪشن آفيسر ۽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر سکر کي فوري هٽايو وڃي۔

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *