صوبائي وزير بلديات سيد ناصر شاه جي صدارت هيٺ ملير ايڪسپريس وي جي روٽ بابت گڏجاڻي

44 Views

ڪراچي : وزير بلديات, هائوسنگ اينڊ ٽائون پلاننگ, پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ ۽ رورل ڊويلپمينٽ ڊپارٽمنٽ سنڌ سيد ناصر حسين شاه پاران صوبائي وزير سوشل ويلفيئر محمد ساجد جوکيو, ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو,ايم اين اي آغا رفيع الله, اڳوڻي وفاقي وزير عبدالحڪيم بلوچ, ايم پي اي شاهينا شير علي, ايم پي اي راجا رزاق بلوچ, ايم پي اي يوسف بلوچ, ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ, ايم پي اي سليم بلوچ ۽ پيپلز پارٽي ملير جي قائم مقام صدر عديل اختر شيخ سان ملاقات ڪئي وئي, ملاقات ۾ ملير ايڪسپريس وي جي روٽ تي مقامي ماڻهن جي تحفظات جي حوالي سان تفصيلي ڳاله ٻوله ڪئي وئي, ان موقعي تي صوبائي وزير سوشل ويلفيئر محمد ساجد جوکيو چيو ته ملير جي عوام اپيل ڪئي آهي ته اسان جي مسئلن کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تائين پهچايو وڃي, عوام اسان کي ووٽ ڏئي اقتدار تائين پهچايو آهي ته اسان جو فرض ٿئي ٿو ته عوام جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيون, ملير جي عوام جا سمورن مطالبن کي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تائين پهچايو وڃي, اسان پارٽي قيادت مان اميد ٿا ڪريون ته جئين عوام چاهي ٿو ملير ايڪسپريس وي ائين ٺاهيو وڃي, ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه چيو ته ڪجه وقت کان ملير ايڪسپريس وي تي مقامي ماڻهن جا تحفظ هئا, چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس ورتو آهي ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاه کي ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاء هدايت ڏني آهي, هن چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاه مون کي هتي مسئلو حل ڪرڻ لاء موڪليو آهي, چيئرمين بلاول ڀٽو زردارص جون خاص هدايتون آهن ته جيئن ملير جي عوام چاهي ٿي ان تي عمل ڪيو وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *