يار محمد رند بلوچستان جي وڏي وزير لاءِ عبدالقدوس بزنجو جي حمايت ڪري ڇڏي

48 Views

ڪوئٽه: (خميس 28 آڪٽوبر 2021ع) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ تحريڪ انصاف بلوچستان جي پارلياماني اڳواڻ سردار يار محمد رند کي پرچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. سردار يار محمد رند صوبي ۾ وڏ وزارت لاءِ بي اي پي جي اميدوار عبدالقدوس بزنجو جي حمايت ڪري ڇڏي.
يار محمد رند ۽ عبدالقدوس بزنجو سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ پرويز خٽڪ چيو آهي ته اسان بي اي پي جي حمايت ان لاءِ ڪري رهيا آهيون ته جيئن هتي سٺي حڪومت ٺهي ۽ صوبو ترقي ڪري. اسان نٿا چاهيون ته صوبي ۾ تحريڪ انصاف ڪمزور ٿئي، صوبي ۾ بنجندڙ نئين حڪومت پنهنجي اتحادين کي گڏ کڻي هلي. ان موقعي تي سردار يار محمد رند چيو ته تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن جو خيال هو ته کين نظر انداز ڪيو پيو وڃي ان لاءِ انهن مون کي وڏي وزير ۽ بابر موسيٰ خيل کي اسپيڪر لاءِ نامزد ڪيو هو.
هن چيو ته هاڻ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ پرويز خٽڪ اسان وٽ آيا آهن ته اسان بي اي پي جي حمايت ڪنداسين. اسان چاهيون ٿا ته موجوده حڪومت جو جيترو مدو رهجي ويو ان ۾ بلوچستان حڪومت ڪم ڪري.
ان موقعي تي بي اي پي جي وڏي وزير لاءِ نامزد اميدوار عبدالقدوس بزنجو چيو ته سردار يار محمد رند کي جيڪي غلط فهميون هيون اهي ختم ٿي ويون آهن. اسان سندس مشوري سان حڪومت هلائينداسين.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *