سجاول ويجھو 11 ھزار وولٽ بجلي جي تار ڪمند جي فصل مٿان ڪري پئي فصل سڙي رک

47 Views

سجاول
سجاول ويجھو 11 ھزار وولٽ بجلي جي تار ڪمند جي فصل مٿان ڪري پئي فصل سڙي رک لکين روپين جو نقصان.
سجاول ويجھو جاتي روڊ جي ڀر ۾ 11 ھزار وولٽ بجلي جي تار اوچتو ڪمند جي فصل مٿان ڪري پئي جنھن سبب ڪمند جي فصل کي باھ لڳي وئي باھ سبب ٻن ايڪڙن تي بيٺل ڪمند جو فصل سڙي ختم ٿي ويو . ھن سلسلي ۾ متاثر مقامي زميندار محمد بخش لغاري ٻڌايو تہ جاتي لاءِ ويندڙ بجلي جي مين لائين جون تارون ناڪارہ بڻيل آهن لڙڪيل تارون ڪمند جي فصل سان ٽڪرانجنديو رھنديون آھن ھن چيو تہ اسان سجاول جي واپڊا اختيارين کي اھڙي صورتحال جي آگاهي ڏني ھئي پر ڪو بہ ڌيان نہ ڏنو ويو ھن چيو تہ باھ سبب اسانجو لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي ۔

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *