اڏيرولال اسٽيشن لڳ محمد ابڙا ۾ صوفيه نقشبدي جي بزرگن جي عرس جي تقريب ڪوٺائي وئي

105 Views

اڏيرولال اسٽيشن لڳ محمد ابڙا ۾ صوفيه نقشبدي جي سلسلي جي بزرگن حضرت سائين عبدالرزاق رحه عليه ۽ حضرت عظيم رحه عليه جي عرس جي ٻن ڏينهن واري تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن جي سرپرستي مٽياري ضلعي جي مشهور روحاني شخصيت ۽ تحريڪ اتباع رسول الله صلي عليه وسلم جي باني پير طريقت ڪرامت علي رزاقي عظيمي نقشبندي مجددي ڪئي. عرس جي ٻن ڏينهن واري تقريب ۾ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين مريدن ۽ عقيدتمندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پير طريقت ڪرامت علي رزاقي عظيمي نقشبندي مجددي چيو ته دين اسلام جي پکيڙ جي لاءِ اوليائن جون وڏيون قربانيون ڏنل آهن، جن سموري ڄمار الله ۽ ان جي رسول ﷺ جي اطاعت ۽ پيروي ۾ پاڻ به گذاري ۽ انسان ذات کي به اها واٽ ٻڌائي.. عرس جي ٻن ڏينهن واري تقريب ۾ پنجاب ۽ سنڌ جي مشهور نعت خوان شرڪت ڪئي، جن پنهنجي سهڻي آواز ۾ نعتون ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو. جڏهن ته مهمانن لاءِ ننگر جو پڻ بندوسبت ڪيو ويو هو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.