ٿر ۾ فصلن جا سرڪاري اگھ مقرر نه ٿيا،هاري ڀُڳڙن مُٺ عيوض فصل وڪڻڻ تي مجبور

60 Views

ٿر ۾ فصلن جا سرڪاري اگھ مقرر نه ٿيا،هاري ڀُڳڙن مُٺ عيوض فصل وڪڻڻ تي مجبور،سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان اسلام ڪوٽ ۾ احتجاجي مظاهرو،باشعور نوجوانن پاران ٻيهر ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو چتاءُ،
خبرموجب:ٿرپارڪر ضلعي ۾ ٿري فصلن جا سرڪاري سطع تي اگھ مقرر نه ٿيڻ ۽ سينٽر نه کلڻ سبب هاري ڀُڳڙن مُٺ عيوض اناج وڪڻڻ تي مجبور ٿي ويا آهن،ٿرين جي هاءِ گهوڙا بعد ڊي سي پاران ڪوٺايل گڏجاڻي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي شهرين سان گڏجاڻيون ڪرڻ وارو واعدو ڪري خاموش ٿي ويو آهي،پر انتظامي سطع تي هارين کي ڪو به فائدو ناهي ٿي سگهيو،اُنهي سلسلي ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ٿري فصلن جا اگھ مقرر نه ٿيڻ ۽ اناج ڀڳڙن مُٺ عيوض خريد ڪرڻ خلاف گذريل ڏينهن ڏامرو مل ميگهواڙ،ديال ميگهواڙ،اشرف سمون،نرمل داس ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ويئي،جتي ڳالهائيندي ڏامرومل ميگهواڙ ۽ ديال داس چيو ته ٿري هارين سان وڏي ناانصافي ۽ ناجائزي ٿي رهي آهي،برسات وقت غريب هارين کي مهانگي ريٽ تي اناج ڏيئي اناج لهڻ وقت اڌو اڌ ريٽ ڪيرايا ٿا وڃن،هتان جي غريب مسڪين ماڻهن جو سمورو گذرسفر برساتن بعد ٻنين مان لهندڙ فصلن تي هجي ٿو،مسڪين غريب هاري وياج تي رقم کڻي ٻنيون پوکين ٿا ۽ چار مهينا سخت محنت ڪري جڏهن فصل مارڪيٽ ۾ کڻي ٿا اچن ٿا ريٽ گهٽجيو وڃن،وڏي زيادتي اِها آهي ته مُلڪ ۾ ايڏي وڏي مهانگائي آهي،هر شئي جا روز اگھ وڌنڌا ٿا وڃن اُتي وري ٿري فصلن جا اگھ روز وڌڻ بدران ڪيرايا ٿا وڃن،اِهو هتان جي ماڻهن سان وڏو ظلم آهي،ڪير دانهن ٻُڌڻ وارو ناهي،هتان جو ڊي سي هن اهم معاملي تي چُپ جو روزو رکي ويٺل آهي،ڊي سي صرف ڏيکاءُ خاطر نوٽيس وٺي فارملٽي طور گڏجاڻي ڪوٺائي خاموش ٿي ويو آهي،اسان سمجهون ٿا ته ضلعي انتظاميا هارين سان ٿيندڙ هن ويڌن ۾ شامل آهي،انتظاميا جو ڪم آهي ته جائز ريٽ مقرر ڪرائڻ سان گڏ لسٽون لڳائي واپارين کي پابند بڻائي،ڊي سي ذميوار آهي ته هُو ٿرين جي شڪايت چيف سيڪريٽري سميت وڏي وزير کي موڪلي،پرائين ناهي ٿي رهيو،هتان جا چونڊيل نمائيندا هن سموري معاملي تي خاموش تماشائر بڻيل آهن،رُڳو ووٽ وٺڻ وقت سرگرم رهندڙ نمائيندا اڄ هارين سان ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اُٿارڻ لاءِ تيار ناهن،پورهيت طبقي کي هاڻي ايندڙ اليڪشن ۾ اُنهن نمائيندن کان سخت پڇاڻو ڪرڻو پوندو،اسان مطالبو ڪيون ٿا ته ٿر ۾ ٿري جنسن جا سرڪاري اگھ مُقرر ڪري سرڪاري سطع تي سينٽر کولي اناج خريد ڪيو وڃي،اسان سنڌ هاري ڪميٽي طرفان ٿري هارين سان ٿيندڙ زيادتين خلاف سموري ضلعي ۾ احتجاج جو سڏ ڏيون ٿا،سڀني شهرن ۾ احتجاج ڪيا ويندا،هوڏانهن ٻي پاسي ٿر جي باشعور نوجوانن پاران ٿري فصلن جا سرڪاري سطع تي اگھ مقرر نه ٿيڻ خلاف ٻيهر ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،نوجوان اتحاد موجب ته جلد ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هڻڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو،فصلن جي اگهن ۾ ضلعي انتظاميه جي خاموشي کي اسان ملي ڀڳت سمجهون ٿا

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *