نوجوان کي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارڻ خلاف ايس ايس پي سکر سميت ڇھ پوليس اهلڪارن تي جو ايف آءِ آر جو حڪم

65 Views

هالاڻي رپورٽ
هالاڻي مان هوٽل تا کنڀيل نوجوان لياقت رند کي سکر پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارڻ خلاف ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ايس ايس پي سکر سميت ڇھ پوليس اهلڪارن خلاف ايف آء آر جو حڪم ڏئي ڇڏيو

تفصيل موجب : هالاڻي مان هوٽل تي ويٺل نوجوان لياقت رند ۽ سندس ٻن دوستن کي سکر پوليس هٿان کنڀي سکر جي ا سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان لياقت رند کي مبينا پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪرڻ خلاف مقتول نوجوان جي پيء حاڪم رند پاران ايڊوڪيٽ لياقت علي رند ۽ ايڊوڪيٽ خميسو خان رند معرفت سيشن ڪورٽ نوشهروفيروز ۾ ايس ايس پي سکر سميت 6 پوليس اهلڪارن خلاف پٽيشن داخل ڪئي هئي جنهن بعد سيشن جج نوشهروفيروز درخواست ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ڪنڊيارو منتقل ڪئي هئي جتي مقتول رند کي ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ جي داخل پٽيشن تي ايڊيشنل سيشن جج ڪنڊيارو محمد الياس ميمڻ جن اڄ مقتول لياقت رند جي پيء طرفان داخل ڪيل پٽيشن تي ايس ايس پي سکر عرفان سمون ايس ايڇ او اي سيڪشن سکر جهانگير مهر سي آء اي نوشهروفيروز انچارج ڊي ايس پي يار محمد رند ايس ايڇ او ڪنڊيارو بخشل ملاح ايڊيشنل ايس ايڇ او هالاڻي شاهد ڄامڙو ڪانسٽيبل طارق سولنگي تي مقتول لياقت رند کي کنڀي قتل ڪرڻ جي ايف آء آر جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي مقتول لياقت رند جي والد حاڪم رند ۽ سندس وڪيل لياقت علي رند۽ خميسو خان رند ٻڌايو ته ايڊيشنل سيشن جج صاحب نوجوان لياقت رند کي ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ تي ايس ايس پي سکر عرفان سمون سميت ڇهن پوليس اهلڪارن خلاف ايف آء آر جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي پر ڪورٽ سڳوري جو ٽائيم پورو ٿيڻ سبب حڪم نامو سڀاڻي جاري ڪيو ويندو .

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *