نيوسعيدآباد ۾ سنڌ نوجوان اتحاد جو شھيد ناظم جوکيو جي قاتلن خلاف احتجاج

60 Views

نيوسعيدآباد ۾ سنڌ نوجوان اتحاد طرفان شھيد ناظم جوکيو جي قاتلن خلاف احتجاج ڪيو ويو،
تفصيل موجب، نيوسعيدآباد ۾ سنڌ جي معروف سماجي اڳواڻ سردار اياز ميمڻ، نوجوان اتحاد جي ڪوآرڊينيٽر شعيب ڪاڪا،پرويز ڪاڪا ۽ عظيم ڪاڪا جي اڳواڻي ۾ شھيد بينظير ڀٽو چونڪ کان نيوسعيدآباد تعلقا پريس ڪلب تائين شھيد ناظم جوکيو کي شھيد ڪندڙ يو اي اي جي شڪاري عربن، پ پ پ جي اڳواڻن ۽ اسيمبلي ميمبرن ڄام گھنور جوکيو ۽ ڄام عبدالڪريم جوکيو جي خلاف احتجاج ڪندي نعره ھنيا ان کانپوءِ نيوسعيدآباد تعلقا پريس ڪلب جي اڳيان مظاھرو ڪيو، ھنن ميڊيا کي ٻڌايو ته پ پ پ جي حڪومت ۾ سنڌ جي ننگن ۽ دگن جي محافظن کي بيدردي سان شھيد ڪيو پيو وڃي ۽ شھيد ناظم جوکيو کي شھيد ڪري سنڌ جي شعور کي قتل ڪيو ويو آھي، ھنن ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ ملوث عرب شڪارين جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي،

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *